ٽڪ يا ڦر

ٽڪ يا ڦر: سونارا ٽَڪِ رکي ٽانڪو واهيندا آهن. ٽَڪِ ٽانڪي جي هڪ ذري کي چوندا آهن. ٽانڪو جيڪو مختلف ڌاتوئن جي ميلاپ جو نتيجو هوندو آهي، انهيءَ کي ڪٽي سونارا ذرو ذرو ڪندا آهن. انهن ذرن مان هڪ ذري کي ”ٽَڪر“ چوندا آهن. البته ”رائي مال“ مان ٺهيل ٽانڪي يا رائي پني جي ٽانڪي جي ٽڪري کي ” ڦر“ سڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو